بدرو ملتاني

بدرو ملتاني

بدرو ملتاني

بدرو ملتاني: مشھور فنڪاره بدرُو ملتانيءَ جو جنم 1910ع ڌاري ملتان شھر ۾ ٿيو. روايتي تعليم حاصل ڪرڻ بعد 1930ع ڌاري موسيقيءَ سان وابسته ٿي. 1940ع تائين سندس نالو پوري هندستان ۾ ڪافيءَ جي سند طور سڃاتو ويندو هو. هن موسيقيءَ جي تعليم مشھور گائڪ امير علي خان کان حاصل ڪئي. سندس ڪلام جا رڪارڊ هز ماسٽرس وائيس ڪمپنيءَ ڀري پوري هندستان ۾ پکيڙيا. هن استادن واري مشڪل پسنديءَ کي ڇڏي تمام سادي ۽ سليس تلفظ ۽ گائڪيءَ ۾ خواجه غلام فريد جي ڪلام کي ڳاتو. سندس فن ۾ عوامي رنگ ۽ ڪلاسيڪي گر گڏيل هوندا هئا. ثريا ملتانيڪر جو تعلق به هن گهراڻي سان آهي ۽ حُسن ۽ آواز سبب مشھوري ماڻيندڙ مينا لوڌي بدرو جي سڳي سؤٽ هئي. هن سنڌ ۾ ٿيندڙ ڪن محفلن ۾ پڻ حصو ورتو. بدرو ملتانيءَ جا ڪجهه سنڌي ۽ سرائڪي ڪلامن جا گرامون فون رڪارڊ سنڌالاجيءَ ۾ محفوظ آهن. سنڌالاجي جي فنڪارن واري فھرست ۾ هن جو نالو ’مس بدر آف ملتان‘ ڄاڻايل آهي. بي اولاديءَ جي ڏک سبب آخر ۾ راڳ کي الوداع چئي، گوشه نشيني اختيار ڪئي. عمر جي آخري حصي ۾ تمام گهڻو بيمار رهي، جنھن سبب سندس حافظو پڻ ختم ٿي ويو. هن کي ڪنھن قدردان زميندار ڳوٺ لال عيسن، لڳ ملتان ۾ ڪجهه زمين تحفي ۾ ڏني هئي، جتي هن زندگيءَ جو آخري حصو گذاريو ۽ 80 ورهيه پورا ڪري 1990ع ۾ وفات ڪري وئي. 2010ع ۾ سندس ڏهن ڪافين تي مشتمل هڪ البم ’تيري ياد‘ جي نالي سان رليز ٿيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو